بغاوت ڪيس ۾ مشرف جو دفاع وارو حق ختم

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) جسٽس طاهره صفدر جي سربراهي ۾ قائم خصوصي عدالت فوجي ڊڪٽيٽر جنرل پرويز مشرف پاران بغاوت ڪيس جي سماعت ملتوي ڪرڻ جي درخواست رد ڪري چڏي آهي. عدالت ان ڪيس ۾ سندس دفاع واري حق جي درخواست به رد ڪئي آهي. مشرف جي وڪيل سلمان صفدر عدالت کي ٻڌايو ته هن لاءِ اهو افسوسناڪ آهي ته هر هر هو ڪيس جي ملتوي ڪرڻ لاءِ درخواست ٿو ڪري. هن عدالت کي ٻڌايو ته مشرف دل جي ڪيمو ٿراپي ڪرائي ٿو ۽ جسماني طور پيش ٿيڻ لاءِ فٽ ناهي. ياد رهي ته مشرف خلاف گذريل وفاقي حڪومت آئين ٽوڙڻ خلاف آرٽيڪل 6 هيٺ بغاوت جو ڪيس داخل ڪيو هو. عدالت چيو ته هاڻي وفاقي حڪومت وڪيلن جو پينل ٺاهيندي جنهن بعد سندن موقف ٻڌڻ بعد فيصلو ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو