بشريٰ بي بي توشه خانه ۽ نڪاح ڪيسز جا فيصلا چيلينج ڪري ڇڏيا

بشريٰ بي بي توشه خانه ۽ نڪاح ڪيسز جا فيصلا چيلينج ڪري ڇڏيا

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ باني عمران خان جي گهر واري بشريٰ بي بي توشه خانه ۽ نڪاح ڪيسز جا فيصلا چيلينج ڪري ڇڏيا آهن.بشريٰ بي بي توشه خانه ريفرنس ۾ سزا جي خلاف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪري ڇڏي آهي جنهن ۾ رياست ۽ نيب کي ڌر بنايو ويو آهي. هن احتساب عدالت جو 31 جنوري وارو آرڊر ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا ڪندي چيو آهي ته نيب تعصب تي جاچ ڪئي ۽ سياسي مخالفن جي هدايت تي بدنيتي تي ٻڌل ڪوڙو ۽ جعلي ريفرنس داخل ڪيو. فرد جرم به صحيح طريقي سان قانوني گهرجن موجب نه لڳايو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو