پشاور (ويب ڊيسڪ)خيبرپختونخواهه جي سڌ سماءَ واري صلاحڪار بئريسٽر محمد علي سيف جو چوڻ آهي ته لنڊن وارا ڊيل ڪن ٿا، بشرا بي بي ڊيل نه ڪئي.خواجا آصف جي بيان تي بئريسٽر سيف جو ردعمل ڏيندي چيو آهي ته خواجا آصف جو بشرا بي بي جي موجودگي تي اعتراض سمجھ کان ٻاهر آهي. بشرا بي بي پاڪستان جي شهري آهي ۽ ن ليگ کي ڄاڻڻ گهرجي ته پشاور لنڊن نه پر پاڪستان جو حصو آهي. هن چيو ته خواجا آصف حيران آهي ته هوءَ بشرا بي بي، نواز شريف ۽ مريم نواز وانگر لنڊن ڇو نه وئي؟، خيبرپختونخواهه جي سڌ سماءَ واري صلاحڪار چيو ته بشرا بي بي جيستائين چاهي هتي رهي سگهي ٿي،هن اهو به چيو ته مريم نواز جو عورتن سان ٿيل سلوڪ سڀني جي سامهون آهي، پنجاب جي وڏي وزير کي هڪ ڏينهن پنهنجي عمل جو حساب ڏيڻو پوندو.










