اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي وزير شازيه مري چيو آهي ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام معاشري جي ڏتڙيل طبقن جي ڀلائي ۽ ترقي لاءِ ڪوشان آهي غربت جي خاتمي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي چيو ته پاڪستان ۾ عربت گهٽائڻ ۽ سماجي تحفظ لاءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي شروعات شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ويزن کي ظاهر ڪري ٿي جنهن جو مقصد سماجي تحفظ جي هڪ جامعه نظام جي ذريعي معاشري جي پٺتي پيل طبقن خاص ڪري عورتن کي معاشي ۽ سماجي تحفظ فراهم ڪري مرحوم گهراڻن جي زندگين ۾ هڪ جٽادار ۽ مثبت تبديلي آڻڻ ۽ غربت جو خاتمو ڪرڻ آهي سڄي دنيا ۾ 17 آڪٽوبر غربت جي خاتمي جي عالمي ڏينهن طور ملهايو وڃي ٿو وفاقي وزير چيو ته هن ڏينهن جي حوالي سان بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي اهميت ۾ وڌيڪ اضافو ٿي وڃي ٿو ڇو ته هن ڏينهن جو مقصد غربت ۾ زندگي گهاريندڙ ماڻهن جي ڪوششن ۽ جدوجهد کي تسليم ڪرڻ انهن کي اڳتي وڌڻ جا موقعا فراهم ڪرڻ ۽ اهو تسليم ڪرڻ آهي ته غربت بنيادي انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهي جنهن جي خلاف گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي هن ڏينهن جو مرڪزي خيال اهو به آهي ته عزت سڀني لاءِ آهي. مطلب عزت جو تعلق انسان جي معاشي حيثيت سان نه آهي پر ان جي انساني قدرن سان آهي هن چيو ته پاڪستان ۾ غربت سبب مرد ۽ عورت برابر طور تي سماجي ڏاڍ جو شڪار آهن هن چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت مستحق عورتن کي ٽه ماهي بنيادن تي بي نظير ڪفالت پروگرام ذريعي 7 هزار رپيا ڏنا وڃن ٿا انهن عورتن جي 4 کان 22 سالن جي ٻارڙن کي 1500 کان وٺي 4000 تائين بينظِر تعليمي وظيفا ڏنا وڃن ٿا ته جيئن اهي تعليم پرائي پنهنجي فئملي جي غربت گهٽائي سگهن.










