اسلام آباد(بيورو رپورٽ)ڪريڊٽ ڪارڊ جي ادائيگي تي 1 سيڪڙو ٽيڪس لڳايو ويندو، نان فائلرز کي ڪريڊٽ ڪارڊ جي استعمال تي 2 سيڪڙو ٽيڪس ادا ڪرڻو پوندو. بجيٽ ۾ انڪم ٽيڪس جو نصاب گهٽائڻ جي به تجويز ڏني وئي آهي، بجيٽ ۾ آن لائين ۽ سوشل ميڊيا تي انڪم ٽيڪس وڌائڻ جي به تجويز ڏني وئي آهي. انڪم ٽيڪس مراعات ۾ گهٽتائي ۽ بين الاقوامي سفر لاءِ بزنس ڪلاس تي 4 ڀيرا ٽيڪس وڌائڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. هر مهيني 10 هزار کان وڌيڪ ۽ سال ۾ هڪ لک ڊالر کان وڌيڪ جي خريداري تي پابندي جي تجويز آهي.










