بزدل اهو آهي جيڪو ٻين کي ڍال بڻائي پاڻ بيڊ هيٺان لڪي: مريم

بزدل اهو آهي جيڪو ٻين کي ڍال بڻائي پاڻ بيڊ هيٺان لڪي: مريم

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب عمران خان جي بيان تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته پرڏيهي لابي ڪمپنين جا غلام حقيقي آزادي لاءِ وڙهي رهيا آهن، بزدل اهو آهي جيڪو عورتن ۽ ٻارن کي ڍال بڻائي پاڻ کي بستري هيٺ لڪي وڃي ٿو.هڪ بيان ۾ سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب عمران خان کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته هو بزدل آهي جيڪو اقتدار خاطر پنهنجي ڌيءَ کي قبول نه ٿو ڪري.مريم اورنگزيب چيو ته آزاديءَ جي جنگ وڙهندڙ پهريون بزدل اهو آهي جيڪو منهن تي بليڪ باڪس هڻي ٻاهر نڪري، بزدل اهو آهي جيڪو عورتن ۽ ٻارن کي ڍال بڻائي بستري هيٺان لڪي ٿو.مريم اورنگزيب وڌيڪ چيو ته عمران خان پنهنجي سيٽ خاطر ملڪ خلاف سازش ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو