برف جي ڪارخاني ۾ گئس سئلينڊر ڌماڪو، 3 مزدور فوت

برف جي ڪارخاني ۾ گئس سئلينڊر ڌماڪو، 3 مزدور فوت

مٽياري (ن س) نيو سعيد آباد ۾ برف جي ڪارخاني ۾ گئس سلينڊر ڌماڪي ۾ 4 مزدور فوت ٿي ويا. نيو سعيد آباد ۾ سئنيما چوڪ وٽ برف جي ڪارخاني ۾ گئس سلينڊر ڌماڪي سان ڦاٽي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ 4 مزدور فوت ٿي ويا. حادثي ۾ 3 مزدور ٿڏي تي فوت ٿي ويا، جڏهن ته هڪ کي زخمي حالت ۾ اسپتال پهچايو ويو ۽ ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد منتقل ڪرڻ دوران هن رستي ۾ دم ڏئي ڇڏيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو