برطانيه ۽ فرانس يوڪرين ۾ فوج موڪلڻ تي متفق

برطانيه ۽ فرانس يوڪرين ۾ فوج موڪلڻ تي متفق

لنڊن (ويب ڊيسڪ)برطانيه ۽ فرانس اتفاق ڪيو آهي ته ٻئي ملڪ جنگ بندي کان پوءِ يوڪرين ۾ پنهنجون فوجون تعينات ڪندا.پرڏيهي ميڊيا موجب، پيرس ۾ هڪ ملاقات ۾، برطانوي وزيراعظم ڪيئر اسٽارمر ۽ فرانسيسي صدر ميڪرون جنگ بندي کان پوءِ يوڪرين ۾ پنهنجي فوجن جي تعينات جو اعلان ڪيو.ٻنهي ملڪن جي سربراهن کان علاوه، يوڪريني صدر زيلنسڪي يوڪرين ۾ فرانسيسي ۽ برطانوي فوجن جي تعينات ۽ فوجي اڏن جي قيام تي هڪ ٽي طرفي معاهدي تي صحيحون ڪيون.هي معاهدو اهڙي وقت ۾ ڪيو ويو جڏهن يورپي اتحادي ۽ آمريڪي خاص نمائندو ۽ آمريڪي صدر جو ناٺي جيرڊ ڪشنر پڻ پيرس ۾ موجود هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو