لنڊن (ويب ڊيسڪ) برطانوي وزيراعظم ڪيئر اسٽارمر جي مستعفي ٿيڻ جو امڪان آهي. برطانوي ميڊيا موجب، امڪان آهي ته وزيراعظم اسٽارمر سومر ڏينهن پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏيندو. وزيراعظم اسٽارمر تي ليبر پارٽي جي پارليامينٽ ميمبرن پاران مسلسل دٻاءُ آهي ته هو عهدو ڇڏڻ جو ٽائم ٽيبل (وقت) ڏئي. برطانوي ميڊيا موجب، اهو دٻاءُ اينڊي برنهم جي اليڪشن کٽي پارليامينٽ ۾ پهچڻ کانپوءِ وڌي ويو آهي.










