برطانوي بچاءَ واري وزير جو جلد عهدو ڇڏڻ جو فيصلو

برطانوي بچاءَ واري وزير جو جلد عهدو ڇڏڻ جو فيصلو

لنڊن (ويب ڊيسڪ)برطانوي بچاءَ واري وزير بين ويلز چيو آهي ته هو ايندڙ ڪابينا ۾ ردوبدل ۾ بچاءَ واري وزير جو عهدو ڇڏي ڏيندو.ميڊيا رپورٽن موجب بين ويلز ايندڙ چونڊن ۾ حصو نه وٺندو.بين ويلز ٽن وزيراعظمن جي دفاع واري سيڪريٽري طور ڪم ڪري چڪو آهي، 4 سالن تائين دفاعي سيڪريٽري جي عهدي تي رهيو.بچاءَ واري وزير بين ويلز چيو ته هو سياست جي فرنٽ لائن کان پري ٿي رهيو آهي ڇاڪاڻ ته هن جي خاندان سان ڇا ٿيو آهي.بين ويلز ٽوري ميمبرن ۾ تمام گهڻو مقبول سمجهيو ويندو آهي ۽ سندس سياست تان رٽائرمينٽ جو فيصلو پارٽي لاءِ وڏو ڌڪ هوندو ۽ ڪنزرويٽو پارٽي جي سياسي صفن ۾ وڏو خال پيدا ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو