برسبين ٽيسٽ؛ پاڪستان کي اننگز ۽ 5 رنسن تان شڪست

برسبين (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ کيڏيل پهرين ٽيسٽ ۾ ميزبان ٽيم پاڪستان کي اننگز ۽ 5 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي. برسبين جي گابا اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ٽيسٽ ۾ پاڪستاني ٽيم ٻي اننگز ۾ 335 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي. چوٿين ڏينهن جي آغاز تي شان مسعود گهڻو وقت وڪيٽ تي بيهي نه سگهيو صرف 15 رنسن جو اضافو ڪري 42 رنسن تي آئوٽ ٿيو. جنهن کان پوءِ افتخار احمد بغير رنس ٺاهڻ جي پولين واپس ٿيو جنهن کان پوءِ بابر اعظم ۽ محمد رضوان بهترين بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي 132 رنسن جي پارٽنرشپ هنئي ان دوران بابر اعظم پنهنجي سينچري مڪمل ڪئي ۽ 104 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو. محمد رضوان به 95 رنسن جي بهترين اننگز کيڏي آئوٽ ٿيو. جڏهن ته ياسر شاهه پنهنجي ٽيسٽ ڪيريئر جون سڀ کان وڌيڪ 42 رنسون ٺاهيون شاهين شاهه آفريدي 10 ۽ عمران خان 5 رنسون ٺاهيون. آسٽريليا طرفان جوش هيزل ووڊ 4، مچل اسٽارڪ 3 ۽ پيٽ ڪمنز 2 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو جڏهن ته هڪ وڪيٽ ناٿن ليون حاصل ڪئي. مارنس لبوشين کي 185 رنسن جي شاندار اننگز کيڏڻ تي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو. ياد رهي ته پاڪستان پنهنجي پهرين اننگز ۾ 240 رنسون ٺاهيو هيون جنهن جي جواب ۾ آسٽريليا 580 رنسون ٺاهيون ۽ اهڙي طرح ميزبان ٽيم پاڪستان تي 340 رنسن جي برتري حاصل ڪئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو