برسبين (ويب ڊيسڪ) آسٽريليا مارنس لبوشين ۽ ڊيوڊ وانر جي سينچرين جي بدولت پاڪستان خلاف پهرين ٽيسٽ ميچ جي پهرين اننگز ۾ 140 رنسن جي برتري حاصل ڪري ميچ کي مڪمل طور پنهنجي گرفت ۾ آڻي ڇڏيو آهي. برسبين ۾ جاري سيريز جي پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ آسٽريليا پنهنجي پهرين نامڪمل اننگز 312 رنسن ۽ هڪ رانديگر آئوٽ ٿيڻ تي ٻيهر شروع ڪئي ته ڊيوڊ وارنر 151 ۽ لبوشين 55 رنسن تي کيڏي رهيا هئا. ٻنهي رانديگرن بهترين بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستاني بالرن کي سٺو ڪٽڪو ڏنو ۽ اسڪور کي 351 تائين پهچايو جنهن بعد ڊيوڊ وارنر 154 رنسن جي شاندار اننگ کي نسيم شاهه جي بال تي آئوٽ ٿيو. جنهن کان پوءِ اسٽيون اسمٿ به صرف 4 رنسون ٺاهي ياسر شاهه هٿان آئوٽ ٿيو 358 تي 3 وڪيٽون ڪرڻ بعد ائين لڳي رهيو هو ته پاڪستاني بالر هاڻي ميچ تي گرفت مضبوط ڪرڻ ۾ ڪامياب ويندا پر لبوشين ۽ ميٿيو ويڊ پاڪستانين جي اهڙي خوشفهمي ختم ڪري ڇڏي ٻنهي رانديگرن چوٿين وڪيٽ لاءِ وڌيڪ 110 رنسون ٺاهي پنهنجي ٽيم جي پوزيشن مضبوط ڪندي پاڪستان جي مشڪلاتن ۾ اضافو ڪري ڇڏيو. ان دوران لبوشين ٽيسٽ ڪيريئر جي پهرين سينچري ٺاهڻ جو اعزاز به حاصل ڪيو جڏهن ته ويڊ 60 رنسون ٺاهي سگهيو. ٽريوس هيڊ 24 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو. اسڪور جڏهن 545 تي پهتو ته آسٽريلين ڪپتان ٽم پين به آئوٽ ٿيو. ابوشين 185 رنسن جي بهترين اننگ کيڏي جنهن ۾ 20 بهترين چوڪا به شامل هيا. مچل اسٽارڪ 5، پيٽ ڪمنز 7 ۽ جوش هيزل 5 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا. اهڙي طرح آسٽريليا پنهنجي پهرين اننگ ۾ 580 رنسون ٺاهي پاڪستان مٿان 340 رنسن جي وڏي برتري حاصل ڪري ورتي. پاڪستان طرفان ياسر شاهه 4، حارث سهيل ۽ شاهين شاهه آفريدي ٻه ٻه وڪيٽون حاصل ڪيون. 340رنسن جي خساري کان پوءِ پاڪستاني ٽيم پنهنجي اننگ جي شروعات ڪئي ته 13 جي مجموعي اسڪور تي ڪپتان اظهر علي 5 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو. اسڪور جڏهن 25 تي پهتو ته حارث سهيل هڪ ڀيرو ٻيهر مچل اسٽاڪ هٿان شڪار ٿي ويو. پاڪستان کي اصل نقصان ان وقت پيو جڏهن گذريل اننگز ۾ 76 رنسون ٺاهيندڙ اسد شفيق بغير رنس ٺاهڻ جي آئوٽ ٿيو. اهڙي طرح پاڪستاني ٽيم هن مهل تائين 3 وڪيٽن جي نقصان تي 25 رنسون ٺاهيون آهن اننگز شڪست کان بچڻ لاءِ وڌيڪ 315 رنسن جي ضرورت آهي. واضح رهي ته پاڪستاني ٽيم ٽيسٽ جي پهرين اننگ ۾ صرف 240 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي هئي.










