برسات ۽ گٽرن جو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف احتجاج

پڊعيدن (مجاهد شر) چار ڏينهن اڳ پيل برسات ۽ گٽرن جو گندو پاڻي وارڊ نمبر 2 جي مختلف علائقن سميت ظفرشاهه ڪالوني، قبرستان گلي مان نيڪال نه ٿيڻ خلاف رهواسين نبي بخش اڄڻ، شمس الدين ، صدام حسين اڄڻ، بابرعلي راڄپر ۽ ٻين پاران  انتظاميا خلاف احتجاج ڪندي ميڊيا کي ٻڌايو ته انتظاميا شھر ۾صفائي ڪرڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي وئي آھي برساتي پاڻي روڊن ۽ گھرن ۾ ڪاهي پيو آھي رستن تي پاڻي بيهجڻ ڪري ڪيترائي ڀيرا اسڪول ويندڙ ٻارڙن سان ڀريل رڪشا ڪلٽي ٿي پيا آهن. هنن ٻڌايو ته چونڊيل ڪائونسلر، ٽائون آفيسر توڙي ٽائون چيئرمين کي ڪيترائي ڀيرا  درخواستون ڏنيون آھن  پر ڪو به کڙ تيل نه نڪتو آھي. احتجاج ڪندڙ وڌيڪ ٻڌايو ته وارڊ نمبر 2 ۾ جتي گندو پاڻي بيٺل آھي اُتي 3 اسڪول واقع آھن پر انتظاميا پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ ڪي به قدم ناهن کنيا. هنن ايم پي اي ممتاز چانڊيو، ايم اين اي ذوالفقار علي بهڻ ۽ ضلعي انتظاميا کان گهر ڪئي ته پڊعيدن شھر ۾ صفائي ڪرائي  گليون ٺهرائي ڏنيون وڃن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو