مانجهند (ن سنڌيار)مانجهند جي يوسي لاکا جا 20 کان وڌيڪ ڳوٺ برساتي پاڻي هيٺ ڪيترائي گهر ڊھي پٽ رهواسي بکون ڪاٽڻ تي مجبور انتظاميا غائب پاڻي ۾َ احتجاجتفصيل موجب مانجهند تعلقي جي يوسي لاکا جا ويه کان وڌيڪ ڳوٺ جابلو نئين ۽ برساتي پاڻي ۾ 10 ڏينهن کان ٻڏل آھن ڳوٺ موسي پهنور ڳوٺ بالاچ جوڳياڻي ڳوٺ جان محمد جوڳياڻي ڳوٺ مير حسن جوڳياڻي ڳوٺ موٽيو خان ميرواڻي ڳوٺ فريد خان ميرواڻي جي رهواسين ٻوڏ جي پاڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ان موقعي تي متاثرن اڳوڻي تعلقه نائب ناظم نياز محمد کوسو ايس يو پي تعلقه صدر نواز ڪنڀر جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪندي ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ت تيز برسات ۽ جابلو نئيون وهي اچڻ سبب سندن ڳوٺ ٻڏي ويا آھن تيز وهڪرن ۾ گهر ۽ سامان پڻ لڙھي ويو آھي چوپايو مال پڻ غائب آھي روڊ رستا ٻڏڻ سبب سندن اچ وڃ جا لنگه پڻ بند ٿي ويا آھن گندي پاڻي ۾ رهڻ تي مجبور آھيون بکن ۾ پڻ پاه ٿي رهيا آھيان پر ڊي سي ڄامشورو اي سي مانجهند روينيو عملي سميت ڪابه انتظاميا سار نه لڌي آھي هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ت پاڻي نيڪال ڪري ڊھيل گهر تعمير ڪرائي سندن امداد ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو










