برسات سبب اڏامون متاثر، سکر ۽ ملتان ۾ لينڊنگ

برسات سبب اڏامون متاثر، سکر ۽ ملتان ۾ لينڊنگ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) برسات سبب ڪيتريون ئي اڏامون متاثر، 6 جهازن کي فضا ۾ چڪر ڪاٽڻا پيا هڪ اڏام ڪراچي کان سکر رواني ڪئي وئي، تيل ڀرائڻ بعد وري ڪراچي آئي. پي ڪي 301 جي پائلٽ ايپروچ جي اجازت باوجود تيز بارش سبب لينڊنگ نه ڪري سگهي. پي ڪي 320 فضا ۾ چڪر ڪاٽڻ بعد به موسم ٺيڪ نه ٿي ته سکر وئي جتان تيل ڀرائي شام جو ڪراچي پهتي. پي ڪي 303 اسلام آباد کان ڪراچي آئي ۽ 40 منٽ هوا ۾ چڪر ڪٽڻ بعد لينڊ ڪيو. پي ڪي 351 پشاور کان ڪراچي ايندي نوابشاهه لڳ 15 منٽ چڪر ڪاٽڻ بعد ڪراچي آئي. ايئربليو جي جهاز کي ملتان ۾ لينڊ ڪرايو ويو ۽ هڪ ٻئي سندن جهاز کي ڪجهه دير چڪر ڪاٽڻ بعد لينڊ ڪرڻو پيو.

پهنجو تبصرو موڪليو