برسات جي اڳڪٿي،واٽربورڊ عملي پاران آفيسرن کي الرٽ رهڻ جي هدايت

برسات جي اڳڪٿي،واٽربورڊ عملي پاران آفيسرن کي الرٽ رهڻ جي هدايت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) واٽر ڪارپوريشن پهرين مارچ تي امڪاني برسات جي اڳڪٿي کي نظر ۾ رکندي آفيسرن کي هاءِ الرٽ رهڻ جون ھدايتون جاري ڪري ڇڏيون، ترجمان واٽر ڪارپوريشن موجب سي او واٽر ڪارپوريشن انجنيئر اسدالله خان پاران چيف انجنيئر سيوريج سميت سمورن آفيسرن کي الرٽ رهڻ جون ھدايتون جاري ڪندي چيو تہ جيٽينگ، سڪشن، راڊنگ، سيور ڪلينگ مشينن ۽ ڊي واٽرنگ پمپس سميت سموري مشينري کي ھر وقت فعال رکيو وڃي ۽ سمورا سپرنٽينڊنگ انجنيئرز پنهنجن لاڳاپيل ضلعن ۽ سمورا ايگزيڪيوٽو انجنيئرز پنهنجي ماتحت عملي سان گڏ پنهنجي لاڳاپيل ڊويزنن ۾ موجود رھن، هن چيو تہ برسات کان اڳ شهر جي سمورين اهم شاهراهن تي مشينري کي پهچايو وڃي تہ جيئن شھرين کي ڪنھن بہ پريشاني کي منهن ڏيڻو نہ پوي، هن چيو برسات کان اڳ نالن جي صفائي ڪئي وڃي ۽ سموري مشينري کي هر وقت فعال رکيو وڃي جڏھن تہ پاڻي جي فراھمي ۽ نيڪالي واري سمورين پمپنگ اسٽيشن کي بجلي جي فراهمي نہ ھوڻ جي صورت ۾ جنريٽر جي مدد سان بحال رکڻ لاءِ موثر اپاءُ ورتا وڃن، ھن جو چوڻ هو تہ شهر جو سيوريج نظام برساتي پاڻي جي نيڪال لاءِ نہ ٺهيو آهي پر بدقسمتي سان روڊن جي گندگي، ملبو ۽ ڪچرو برساتن دوران برسات جي پاڻي سان گڏجي واٽر ڪارپوريشن جي سيوريج لائينن ۾ اچيو وڃي ٿو جنهن سبب سيوريج لائينون بند ٿيو وڃن انڪري شهرين کي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو ٿو پوي، ھن جو وڌيڪ چوڻ هو تہ واٽر ڪارپوريشن پاران ڪنهن بہ حادثي کان بچڻ جي لاءِ روڊن، رستن، گهٽين ۽ فوٽ پاٿن تي مين هولز کي ڍڪڻ لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن جڏھن تہ امڪاني برسات کان اڳ ئي سمورن ٽاؤنن ۾ سيوريج لائينن جي صفائي جو ڪم جاري آهي، هن شهرين کي احتياطي تدبيرن بابت آگاهي ڏيندي چيو تہ برساتي پاڻي کي سيوريج جي پائيپ لائنن مان ڪڍڻ لاءِ مين هولز جا ڍڪ نہ کوليا وڃن ڇاڪاڻ تہ ان سان گندي پاڻي جو وهڪرو رڪجي ويندو جنهن سان شهرين کي ڪافي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو