برسات جو پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو، سوين گهر متاثر

برسات جو پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو، سوين گهر متاثر

عادلپور( ن سنڌيار) عادلپور ويجهو يوسي قاضي بادل مهر جي ڳوٺ بهاول جسڪاڻي ۾ برسات جو پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيون جنهن سبب سوين گهر متااثر ٿيڻ سبب هتان جا رهواسين لڏي وڃڻ تي مجبور پر افسوس ضلعي گهوٽڪي انتظاميا سميت هتان جي چونڊيل نمائندن ڪنن ۾ ڪپھ ۽ اکين تي ڪاري پٽي ٻڌي ڇڏي ڪيترائي ڀيرا ضلعي انتظاميا سميت چونڊيل نمائندن کي پاڻي نيڪر لاء درخاستون ڏنيو ۽ دانهون ڪيو پر افسوس هنن اسان جون دانهون نه ٻڌيو برسات جي پاڻي بهجي وڃڻ سبب ڪيترائي اسان جا گهر ڪري پيا ۽ اسان جي قبرستان ۾ گوڏي کان وڌيڪ پاڻي بهجي وڃڻ ڪري قبرستان جي قبرن اندر پاڻي وڃڻ شروع ٿي ويو آهي ڳوٺ جي گهرن توڙي گهٽين ۾ پاڻي بدبوء دار هجڻ ڪري ۽ مڇر مار اسپري نه ٿيڻ ڪري ڪيترائي ڳوٺاڻا مختلف بيمارين ۾ وٺجي ويا برسات جي پاڻي بهجڻ ڪري اسان جو چوپايو مال ته مري ويو پر خدا ڪارڻ اسان جون زندگيون بچايو وڃن ڳوٺ بهاول جسڪاڻي جي رهواسين خدا بخش جسڪاڻي مير احمد جسڪاڻي صابر جسڪاڻي ظفر اللّه جسڪاڻي نظر محمد جسڪاڻي سميت ٻين احتجاج ڪندي چيف چسٽس سنڌ وزير اعلي سنڌ ڊي سي گهوٽڪي پ پ ايم اين سردار محمد بخش خان مهر جي ڊي اي ايم پي اي سردار علي گوهر خان مهر سميت اعلي اختيارن کان مطالبو ڪندي چيو ته خدا ڪارڻ اسان جي ڳوٺ بهاول جسڪاڻي مان پاڻي نيڪر ڪري هتان جي رهواسين کي جيئڻ جو حق ڏنو وڃي ۽ به گهر ٿيل ماڻھن کي راشن ۽ رهڻ لاء ٽينٽ يا خيما ڏنا وڃن

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو