دادو(ن سنڌ يار) دادو ۾ برساتي پاڻي نيڪال نه ڪرائيندڙ ڪامورن خلاف شهري روڊن تي نڪري آيا عوامي سوشل فورم جي سڏ تي مجيب پنهور، محبوب سومرو،جاويد قمبراڻي ۽ ٻين هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي پريس ڪلب دادو آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ان موقعي تي مظاهرين ميونسپل ڪاميٽي دادو ۽ ضلعي انتظاميا خلاف شديد نعري بازي ڪئي برسات کي رُڪندي 2 ڏينهن گذرڻ باوجود برساتي پاڻي اڃا تائين نيڪال نه ٿي سگهيو آهي،برساتي پاڻي شهر جي ڪاروباري علائقن سميت پاڙن، محلن ۽ ڪالونين جي روڊن رستن ۽ گهرن ۾ بيٺل آهي ميونسپل جا ڪامورا شهر ۾ پاڻي نيڪال ڪرڻ بدران بجيٽ تي هٿ صاف ڪري رهيا آهن چونڊيل نمائندن جو ميونسپل جي بجيٽ ۾ حصو هجي ٿو ڪامورا ۽ ميونسپل عملو شهر جي صفائي ڪرڻ بدران گهر ويٺي پگهارون کڻي رهيو آهي جلد شهر مان برساتي پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي










