ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪمشنر ڪراچي جي صدارت هيٺ متوقع برساتن کي منهن ڏيڻ جي قدمن بابت هڪ جائزو اجلاس ٿيو.ڪمشنر هائوس جي ترجمان موجب، ڊپٽي ڪمشنرن، سالڊ ويسٽ اختيارين سميت ٻين لاڳاپيل عملدارن اجلاس ۾ شريڪت ڪئي.اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته بلديہ عظميٰ (ڪي ايم سي) برساتي نالن جي صفائي جو ڪم جلد مڪمل ڪندي.ڪمشنر ڪراچي حسن نقوي هدايت جاري ڪئي ته برساتي پاڻي جي نيڪال لاءِ پمپس، مشينري ۽ عملي کي مقرر ڪيو وڃي.هن ڊپٽي ڪمشنرن کي نالن جي صفائي جي جاري ڪمن جو معائنو ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي.










