برساتي ايمرجنسي  کي منهن ڏيڻ لاءِ واٽر بورڊ مڪمل تيار

برساتي ايمرجنسي کي منهن ڏيڻ لاءِ واٽر بورڊ مڪمل تيار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سي او او واٽر ڪارپوريشن انجنيئر اسدالله خان پنھنجي جاري ڪيل ھڪ پيغام ۾ چيو تہ موسميات کاتي پاران برسات جي اڳڪٿي کي نظر ۾ رکندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ برساتي ايمرجنسي لاڳو ڪئي آھي، هن چيو تہ اڄ وڏي وزير جي صدارت هيٺ ڪراچي ۾ برساتن بابت ھڪ اهم اجلاس ٿي گذريو، وڏي وزير ۽ ميئر ڪراچي جي هدايتن تي حڪمت عملي بہ تيار ڪئي ويئي آهي جڏھن تہ وڏي وزير جي خاص هدايت تحت واٽر ڪارپوريشن برساتن کي منهن ڏيڻ لاءِ سمورا انتظام مڪمل ڪري ورتا آهن، هن ٻڌايو تہ واٽر ڪارپوريشن وٽ ڪل 53 سڪشن مشينون موجود آهن جڏھن تہ امڪاني برسات کان اڳ شهر جي سمورين اهم شاهراهن سميت ڊيپ ايريا جي 30 مختلف هنڌن تي 53 سڪشن مشينون پهچايون وينديون، ھن ٻڌايو تہ نيڪالي واري سمورين پمپنگ اسٽيشن کي بجلي جي فراهمي نہ ھوڻ جي صورت ۾ جنريٽر جي مدد سان بحال رکيو ويندو ان سلسلي ۾ سيوريج پمپنگ اسٽيشن تي ڊيزل وڏي مقدار ۾ پڻ پهچايو ويو آهي، هن چيو تہ امڪاني برساتن کي نظر ۾ رکندي واٽر ڪارپوريشن جو سمورو عملو خاص ڪري سيوريج جو عملو هاءِ الرٽ آهي ۽ ان حوالي سان واٽر ڪارپوريشن جي انجنيئرنگ ونگ جي عملي جون موڪلون منسوخ ڪيون ويون آهن، هن جو چوڻ هو تہ واٽر ڪارپوريشن جي انتظاميا هر وقت برسات ۽ هر ممڪن صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ مڪمل افرادي قوت سان تيار آهي ۽ ان سلسلي ۾ هو واٽر ڪارپوريشن ڪي ايم سي سميت ٻين سمورن مڪاني ادارن سان مڪمل رابطي ۾ آهي جنھن جو واضح مثال گذريل مهيني برسات ۾ واٽر ڪارپوريشن ڪي ايم سي سان گڏجي پاڻي نيڪالي وارو مسئلو فوري طور تي حل ڪيو، هن جو وڌيڪ چوڻ هو تہ واٽر ڪارپوريشن جو عملو چوويهه ڪلاڪ عوام جي خدمت لاءِ پنهنجا فرائض بھتر نموني سرانجام ڏئي رهيو آهي، سي او او واٽر ڪارپوريشن شهرين کي اپيل ڪندي چيو تہ ھوءَ سڀاڻي گھر کان غير ضروري ٻاھر نہ نڪرن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو