مانجهند (ن سنڌيار)مانجهند ۾ برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ۽ پيئڻ جي پاڻي جي شديد کوٽ خلاف شٽر بند هڙتال اي سي آفيس آڏو نٽھڻ اس ۾ 3 ڪلاڪ ڌرڻو رهواسين پنهنجي مدد پاڻ تحت گٽر صفا پڻ ڪندي انوکو احتجاج ڪيو تفصيل موجب مانجهند ۾ ھڪ هفتي کان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ۽ پيئڻ جي پاڻي جي شديد کوٽ خلاف شھرين مڇرجي ڪوڏرون کڻي مين بازار جا گٽر صاف ڪري انوکو احتجاج ڪيو جنهن تي دڪاندارن به پنهنجو ڪاروبار مڪمل بند ڪري وڏي تعداد ۾ گڏ ٿي شاهي بازار مان ريلي ڪڍي اسسٽنٽ ڪمشنر آفيس آڏو 3 ڪلاڪ نٽھڻ اس ۾ ڌرڻو هنيو ويو ان موقعي تي شھرين ايس ٽي پي اڳواڻ گوتم چنا مسجد جي پيش امام مولانا نور احمد ميمڻ وارڊ 2 جي ايس يو پي اميدوار قربان علي ملاح مسلم ليگ ن جي لياقت علي ملاح جسقم اڳواڻ گلشير کوسو پ ٽ آء جي محمد علي ڳنڀير صحافي گلزار ملاح محرم خاصخيلي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ت ٽائون انتظاميا جي نااهلي سبب برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو آھي جنهن سبب بازارون محلا گٽر بنجي چڪا آھن مجبوري ۾ شھري پنهنجي مدد پاڻ تحت گٽر صفا ڪرڻ تي مجبور آھن ڊرينيج سسٽم ناڪاره هئڻ سبب گندو پاڻي گهرن ۾ ڪاهي پوي ٿو جنهن سان هر طرف بدبوء ڦھليل آھي جڏھن ت مڇرن جو آزار پڻ وڌي ويو آھي پجڏھن ت سڄي سنڌ پاڻي ۾َ ٻڏي رهي آھي پر پبلڪ هيلٿ کاتي جي نااهلي سبب مانجهند واسي پاڻي ڍڪ لاء پريشان آھن انتظاميا عوامي مسئلو حل ڪرڻ بدران لکين روپيا بجيٽ مبينا ھڙپ ڪري ڇڏي ٿي هنن چتاء ڏنو ت 2 ڏينهن ۾ گندو پاڻي نيڪال ڪرائي پيئڻ جو پاڻي فراهم نه ٿيو ت انڊس هاء وي تي ڌرڻو هنيو ويندو هوڏانهن اسسٽنٽ ڪمشنر نظام الدين جتوئي احتجاج ڪندڙن کي مطالبن کي حل ڪرائڻ جي يقين دهاني ڪرائي ڌرڻو ختم ڪرايو










