اسلام آباد(بيورو)ملڪ ۾ تازين ٻوڏن ۽ برساتن سبب 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 28 ڄڻا فوت جڏهن ته 48 ڄڻا زخمي ٿي پيا.نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڀ کان وڌيڪ فوتگيون ڪي پي ڪي ۾ ٿيون، جڏهن ته سنڌ ۽ گلگت بلتستان ۾ 2، بلوچستان ۾ 2 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 4 ڄڻا فوت ٿيا.اين ڊي ايم اي جو چوڻ آهي ته ٻوڏ ۽ برساتن سبب فوت ٿيندڙن جو انگ 1061 ٿي ويو آهي، هينئر تائين سڀ کان وڌيڪ فوتگيون سنڌ ۾ ٿيون آهن، فوتين ۾ 349 ٻار، 470 مرد ۽ 210 عورتون شامل آهن. ٻوڏ ۽ برساتن سبب هن وقت تائين 1575 ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن، گذريل 24 ڪلاڪن دوران 43 هزار 13 گهرن کي نقصان پهتو آهي، سڄي ملڪ ۾ هن وقت تائين 9 لک 92 هزار 871 گهرن کي نقصان پهتو آهي. اين ڊي ايم اي جو چوڻ آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 7 هزار 586 وڌيڪ ڍور ٻوڏ سبب فوت ٿي ويا، هن وقت تائين 7 لک 27 هزار 144 ڍور مري ويا آهن.نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جو اهو به چوڻ آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 8 پلن کي نقصان پهتو آهي، برساتن ۽ ٻوڏ دوران هن وقت تائين 157 پل متاثر ٿيا آهن.










