برساتن جو پاڻي ڳوٺ کي وڪوڙي ويو، پڪيون،ڪچيون جايون ڪري پيون

برساتن جو پاڻي ڳوٺ کي وڪوڙي ويو، پڪيون،ڪچيون جايون ڪري پيون

جان محمد سوسائٽي(غلام رسول مھر)يوسي ڀيٽور يوسي قاضي بادل مھر ۾ مسلسل برساتون پوڻ کانپوء ۽ ڪارو نارو کي گھارو پوڻ ڪري ڪيترن ڳوٺن کي پاڻي وڪوڙي ويو،سوين ايڪڙ فصل تباھ ٿي ويو ۽ ڪيترن ڳوٺن ۾ مسڪينن جون پڪيون توڙي ڪچيون جايون ڪري پيون، ڪيترائي ڌور مري ويا،ڳوٺ علي مھر،لاکو مھر،ابراھيم مھر، ڌاتو مھر جي گھرن ۾ پاڻي اڃان تائين بيٺل آھي ڳوٺاڻا پنھنجي مدد پاڻ پنھنجي گھران خرچ ڪري پاڻي نيڪال ڪرائي رھيا آھن،نتظاميا ڪابه مدد نه ڪئي ، سماجي ورڪر منظور احمد جي ڏينھن رات جي محنت سان پنھنجي خرچ تي ڪرين مشين گھرائي ڳوٺن مان پاڻي جو نيڪال شروع ڪيو،وڌيڪ منظور احمد مھر،ڪائونسلر فاروق احمد مھر،احمد مھر جو چوڻ ھو ته اسان کي ڊي سي گھوٽڪي،اي سي خانگڙھ ،اي سي گھوٽڪي،مختيار ڪار خانگڙھ ۽ چونڊيل نمائدا بار بار آسرا ڏئي رھيا آھن ته اسان اوھان جي ڳوٺن جو پاڻي نيڪال ڪرائيندا سين پر ھن محل تائين صرف آسرا ڏئي رھيا آھن ڪجھ ناھن ڪري سگھيا،اسين ڪمشنر سکر ۽ اعلا عملدارن کان مطالبو ڪيو ٿا ته جلد سرڪاري خرچ تي پاڻي ڪڍرائي ڏيندا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو