برازيل ۾ پرتشدد احتجاج، صدر آرمي چيف کي برطرف ڪري ڇڏيو

برازيليا(ويب ڊيسڪ) برازيل جي صدر لولا ڊي سلوا آرمي چيف کي برطرف ڪري ڇڏيو.پرڏيهي خابرو اداري موجب برازيليا ۾ ٻن هفتن کان جاري احتجاج کانپوءِ صدر لولا ڊي سلوا ملڪ جي آرمي چيف جنرل جوليو سيزر ڊي ارودا کي برطرف ڪري ڇڏيو.ميڊيا رپورٽن موجب آرمي چيف جنرل جوليو سيزر ڊي اروڊا 30 ڊسمبر تي عهدو سنڀاليو.جنرل ارودا کي صدر لولا ڊي سلوا جي ويجهو ڪمانڊر، جنرل ٽاماس ريبيرو پويا جي جاءِ تي نئون آرمي چيف مقرر ڪيو پيو وڃي، جنهن احتجاج ڪندڙن کي پرامن رهڻ جي تلقين ڪئي ۽ عوام کي صلاح ڏني ته هو صدارتي چونڊن جا نتيجا قبول ڪن.صدر لولا ڊي سلوا جو چوڻ آهي ته کيس شڪ آهي ته هٿياربند فوج جا اهلڪار به مظاهرين سان شامل هئا، برازيل جي صدر گذريل ڏينهن ۾ ڪيترن ئي فوجي آفيسرن کي برطرف ڪري چڪو آهي.ياد رهي ته برازيل جي اڳوڻي صدر جيئر بولسونارو جي هزارين حمايتين 8 جنوري تي راڄڌاني برازيليا ۾ مظاهرو ڪري سرڪاري عمارتن تي حملا ڪيا هئا.ميڊيا رپورٽن موجب مظاهرن ۾ درجنين سيڪيورٽي اهلڪار زخمي ٿي پيا، مظاهرين صدارتي محل، ڪانگريس ۽ سپريم ڪورٽ جي عمارتن کي به نقصان پهچايو.برازيل جي پوليس اختيارين موجب 8 جنوري تي ٿيل پرتشدد احتجاج دوران 2 هزار ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو، جن مان 1200 اڃا تائين حراست ۾ آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو