بخشاپور(ن س) بخشاپور ويجهو ڊومڪي ڌرين ۾ فائرنگ دوران 2 ڄڻا مارجي ويا، بخشاپور ويجهو ڊومڪي برادري جي ٻن ڌرين ۾ فائرنگ دوران 2 ڄڻا مارجي ويا، 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن انڊس هاءِ وي تي ڌرين طرفان هڪٻئي تي فائرنگ ڪئي وئي، گوليون لڳڻ سبب عيدن ۽ برڪت ڊومڪي مارجي ويا، فائرنگ جي نتيجي ۾ 8 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا، کين اسپتال منتقل ڪيو ويو جڏهن ته ان سلسلي ۾ ٻڌايو پيووڃي ته ٻن ڄڻن جي قتل بعد علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو، زخمي 8 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي










