بخاري ڪرڪيٽ ڪلب ٽورنامنٽ کٽي ورتو

نوشھرو فيروز )ڊ  ر)ڳوٺ ميوو خان چانڊيو ۾ آل سنڌ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ٿي گذريو جنهن ۾ سنڌ جي مختلف شهرن جي 21 ڪلبن حصو ورتو جنهن ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ ٻن ٽيمن جو فائنل  مڃٺ جي عالماڻي ڪرڪيٽ ڪلب ۽ بخاري ڪرڪيٽ ڪلب ٺاروشاھ ۾ ٿيو، جنهن ۾ مقرر 8 اوورن ۾ پهرين بيٽنگ ڪندي بخاري ڪرڪيٽ ڪلب ٺاروشاھ 71 رنز اسڪور ڪيو. جنهن ۾ سٺي بيٽنگ جو مظاهرو ڪندڙ جاويد راڄپر 30 رنز اسڪور ڪيون. جڏهن ته مڃٺ ڪرڪيٽ ڪلب 8 اوورن ۾ 48 رنز تائين محدود ٿي رهي فائنل مئچ هارائي وئي. جڏهن ته ڪامياب ٽيم گرائونڊ تي جشن ملهايو. فائنل مئچ ڏسندڙن رانديگرن کي خوب داد ڏنو. فائنل مئچ ۾ مهمان خاص عبدالستار اڄڻ ٽورنامينٽ ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ رانديگرن ذاڪر عباسي عارف سهتو ۽ طارق عالماڻي کي ٽرافي ڏني. جڏهن ته فائنل مئچ ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ ذاڪر عباسي کي ٽرافي ۽ فائنل مئچ کٽندڙ بخاري ڪرڪيٽ ڪلب ٺاروشاھ جي ڪپتان شريف ڪلهوڙو کي ٽرافي ۽ ڏھ هزار روڪ ڏنا ويا.هاريندڙ ٽيم مڃٺ ڪرڪيٽ ڪلب جي ڪپتان استاد طارق عالماڻي کي پڻ ٽرافي ۽ ٻه هزار روڪ ڏنا ويا.

پهنجو تبصرو موڪليو