ڳاڙهي سمنڊ ۾ جهاز تي حملو، 3 پاڪستاني شهيد، پاڪستان جي مذمت

ڳاڙهي سمنڊ ۾ جهاز تي حملو، 3 پاڪستاني شهيد، پاڪستان جي مذمت

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار بحرِ احمر ۾ واپاري جهاز تي حوثين جي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته حملي ۾ 3 پاڪستاني شهري شهيد ۽ هڪ زخمي ٿيو آهي.اسحاق ڊار پنهنجي بيان ۾ چيو ته واپاري جهاز تي حوثين جو حملو بيگناهه انساني جانين ۽ سامونڊي سلامتي لاءِ سنگين خطرو آهي.پرڏيهي وزير موجب واقعي بابت وڌيڪ تفصيل حاصل ڪرڻ لاءِ سعودي اختيارين ۽ يمن جي حڪومت سان رابطو ڪيو پيو وڃي.هن چيو ته رياض ۾ پاڪستاني سفارتخاني کي شهيد پاڪستانين جا مڙهه وطن واپس آڻڻ ۽ زخمي شهري کي هر ممڪن طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.ٻئي طرف پرڏيهي آفيس جي ترجمان پڻ باب المندب ۾ واپاري جهاز تي حوثين جي حملي جي مذمت ڪئي آهي.ترجمان جو چوڻ هو ته حملي سبب بحرِ احمر ۾ واپاري جهازن جي آمدرفت لاءِ خطرا وڌيڪ وڌي ويا آهن، جڏهن ته پاڪستان حڪومت صورتحال تي نظر رکي رهي آهي.پرڏيهي آفيس موجب پاڪستان بين الاقوامي پاڻيءَ ۾ آزاد ۽ محفوظ سامونڊي آمدرفت جي حمايت ڪري ٿو.ترجمان چيو ته پاڪستان سعودي قيادت ۾ سامونڊي سلامتي بابت قائم اتحاد جو حصو آهي ۽ بين الاقوامي پاڻيءَ ۾ محفوظ سامونڊي آمدرفت کي يقيني بڻائڻ لاءِ پنهنجون ذميواريون ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو