ملير ( ڊ ر ) ملير جو گھرام بگٽي ڳوٺ بجلي پاڻي سميت سڀني بنيادي سھولتن لاءِ احتجاج .رمضان جي ڀلاري مھيني ۽ سخت گرمي ۾ عورتون ۽ ٻارڙا ميل پنڌ ڪري پاڻي ڀرڻ تي مجبور، پنج سو کان مٿي گھرن واري آبادي ۾ ڪو به سرڪاري اسڪول نه آهي جنهن سبب ٻارڙن جو مستقبل تباهه ٿي رهيو آهي ڪراچي جي ٻين سنڌي آبادين وانگر اسان جي ڳوٺ کي به مڪمل نظر انداز ڪيو ويو وس وارن کي ڪيترائي ڀيرادرخواستون ڏنيون پر ڪو عمل نٿو ٿئي، پانڌي خان بگٽي، تفصيل موجب ملير جي بن قاسم ٽائون جو گھرام بگٽي ڳوٺ جديد دور ۾ به بنيادي سھولتن کان مڪمل طور تي محروم آهي ان سلسلي ۾ ڳوٺ جي چڳي مڙس پانڌي خان بگٽي ڳالھائيندي چيو ته گھرام بگٽي ڳوٺ نيشنل ھائي جي لڳ جنهن جي آبادي پنج سو کان مٿي گھرن تي مشتمل آهي پر بنيادي سھولتن کان محروم آهي ڳوٺ ۾ پاڻي جي سھوليت نه ھئڻ ڪري عورتون ۽ ٻارڙا ٻ ڪلوميٽر پري کان پاڻي ڀرڻ تي مجبور آهن جڏهن ته ڳوٺ جي ٻن طرفن کان قائم ٿيل ميھن جي واڙن کي بجليءَ ۽ پاڻي ملي رهيو آهي پر افسوس جو انسانن کي پاڻي جي ڦڙي لاءِ پريشان ڪيو ويو آهي جڏهن ته ڳوٺ ۾ ڪوبه سرڪاري اسڪول نه ھئڻ ڪري ٻارڙا تعليم جھڙي زيور کان محروم آهن گيس بجلي سرڪاري اسپتال ۽ روڊ رستا نه ھجڻ سبب ھتان رھواسي جن جي اڪثريت جو تعلق پورھيت طبقي سان آهي سخت پريشانين جو شڪار آهن سندس چوڻ هو ته ھن ايم پي ساجد جوکيو ڊي سي ملير کان ويندي تعليم واري صوبائي وزير سعيد غني تائين لکت ۾ درخواستون ڏنيون جن کيس خاطري به ڪرائي پر ان تي اڃان تائين ڪو به عمل نه ٿي سگهيو آهي، ھنن سنڌ حڪومت سان مخاطب ٿيندي چيو ته خدارا نوٽيس وٺي اسان کي بنيادي حق ميسر ڪيا وڃن










