سکر(بيورو رپورٽ) سنڌ جي وڏي وزير جي هدايت تي سنڌ جي توانائي واري وزير امتياز شيخ سيپڪو چيف سان ملاقات ڪئي. کيس سيپڪو چيف ۽ انجنيئرز تازو برساتي ٻوڏ سبب گرڊ اسٽيشن ٻڏڻ، ٿنڀن ڪرڻ سميت سيپڪو کي پهتل نقصان جا تفصيل ٻڌايا. وزير کي ٻڌايو ويو ته سکر ريجن جون ٽي گرڊ اسٽيشنون پاڻي جي سطح بلند ٿيڻ سبب هن وقت تائين بند آهن. شروعاتي نقصان جو اندازو ٽي ارب رپيا لڳايو ويو آهي. ڪنٽرول روم ۾ پاڻي سبب بجلي جي بحالي وارو عمل تعطل جو شڪار آهي. سنڌ جي توانائي واري وزير هدايت ڪئي ته بند پيل گرڊ اسٽيشنز کي فوري طور تي فعال ڪيو وڃي. فرائض جي ادائگي ۾ ڪنهن به قسم جي غفلت برداشت نه ڪئي ويندي. امتياز شيخ چيو ته سنڌ حڪومت عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهي آهي.










