نوشھرو فيروز ( ن سنڌيار)مورو ويجھو ديھ دمبير جي ڳوٺ ڌڻي بخش شاهي ۾ رات دير سان بجلي جي يارنھن ھزار تارن مان اوچتو باھ لڳي وئي. باھ لڳڻ سبب پنجن گھرن ۾ پيل الھ تلھ سڙي رک جو ڍير بڻجي ويو، متاثرين صرف پنھنجون جانيون بچائي سگھيا، اھڙو اطلاع فائر برگيڊ عملي کي ڏنو ويو جيڪا مذڪورہ ڳوٺ پھچي باھ تي ظابظو آندو، متاثرين نادر شاهي، علي حيدر شاهي، اسلم شاهي، عمران شاهي، اصغر شاهي ٻڌايو تہ يارنھن ھزار بجلي جي تارن مان اسان جي گھرن کي باھ لڳي وئي جنھن سبب گھرن ۾ پيل سونا زيور، ھنڌ کٽون ۽ ٻيو قيمتي سامان سڙي رک جو ڍير بڻجي ويو، ھنن چيو تہ اسان مزدوري ڪندڙ پورهيت آھيون باھ سبب الھ تلھ سڙي رک ٿي ويو آهي اسان جي واھر ڪري مدد ڪئي وڃي.










