بجلي جي بلن ۾ رليف جو نئون منصوبو آءِ ايم ايف حوالي

بجلي جي بلن ۾ رليف جو نئون منصوبو آءِ ايم ايف حوالي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)ناڻي واري وزارت پاران بجلي جي بلن ۾ رليف جو نئون پلان انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آءِ ايم ايف) ڏانهن اماڻيو ويو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ پي پيز کي مختص ڪيل اضافي رقم کي بجلي جي بلن ۾ رليف ڏيڻ لاءِ ايڊجسٽ ڪيو ويندو.ذريعن موجب 15 ارب کان وڌيڪ جي اها رقم بل مان قسطون وصول ڪرڻ بعد آءِ پي پيز کي واپس ڏني ويندي.ناڻي واري وزارت جي ذريعن ٻڌايو آهي ته ناڻي واري وزارت جا عملدار نئين منصوبي تي آءِ ايم ايف سان ٻيهر ڳالهه ٻولهه ڪندا.ناڻي واري وزارت جي ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته نئين پلان ۾ آءِ ايم ايف کي بجيٽ کان ٻاهر رليف نه ڏيڻ جي خاطري ڪرائي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو