سکر(امداد علي ڪلوڙ) ايوب گيٽ واري علائقي جي رهواسين پاران 5 ڏينهن کان بجلي بند هجڻ خلاف ٽائرن کي باهيون ڏئي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، مظاهرين سيپڪو سکر خلاف سخت نعريبازي ڪري رهيا هئا، ڌرڻي سبب سکر شهر جي مختلف علائقن ڏانهن ايندڙ ويندڙ گاڏيون قطارن جي صورت ۾ بيهجي ويون. ان موقعي تي افضال احمد، وڪي ڪمار، نعمان ۽ ٻين چيو ته ايوب گيٽ واري علائقي ۾ بجلي جو ٽرانسفارمر 5 ڏينهن کان خراب پيل آهي. سيپڪو عملدارن کي شڪايتون ڪرڻ باوجود ٽرانسفارمر جو مرمتي ڪم نٿو ڪرايو وڃي. مرمتي ڪم ڪرائڻ لاءِ چوڻ تي سيپڪو عملو رشوت گھري رهيو آهي. 5 ڏينهن کان بجلي بند هئڻ سبب اونداهي هيٺ زندگي گذاري رهيا آهيون. هنن مطالبو ڪيو ته سندن سڙي ويل ٽرانسفارمر جي مرمت ڪرائي وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.










