ڪراچي (پ ر ) ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن تي ڪي اليڪٽرڪ پاران بجلي بريڪ ڊائون سبب 72 انچ قطر جون ٻہ لائينون متاثر ٿي ويون، ترجمان واٽر بورڊ موجب ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن تي اڄ صبح 10 لڳي 25 منٽن تي بجلي جو بريڪ ڊائون ٿيو جڏهن تہ پمپنگ اسٽيشن تي 1 لڳي 40 منٽن تي بجلي بحال ٿي، ترجمان موجب بجلي جي بريڪ ڊائون سبب ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن تي لائين نمبر ھڪ پي آر آر سي ۽ لائين نمبر 5 متاثر ٿيون، متاثر لائينن جي اطلاع ملڻ ۽ سي اي او واٽر بورڊ انجنيئر سيد صلاح الدين احمد جي خاص هدايتن تي چيف انجنيئر بلڪ، سپرنٽينڊنٽ انجنيئر بلڪ، ايگزيڪيوٽو انجنيئر گهارو ڊويزن سميت واٽر بورڊ جي ٻين عملدارن پاران ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن تي فوري طور پهچي ڪري متاثر لائينن جو معائنو ڪيو، ان سلسلي ۾ سي اي او واٽر بورڊ پاران لاڳاپيل آفيسرن کي خاص هدايتون ڏيندي چيو تہ ٻنهي متاثر لائينن جي بحالي واري ڪم کي هنگامي بنيادن تي مڪمل ڪيو وڃي تہ جيئن شهرين کي ڪنهن بہ قسم جي مشڪلاتن کي منهن نہ ڏيڻو پوي، سي اي او واٽر بورڊ جي خاص هدايتن تي واٽر بورڊ عملدارن پاران متاثر لائينن جي بحالي وارو ڪم هنگامي بنيادن تي شروع ڪري ڇڏيو، ان موقعي تي چيف انجنيئر بلڪ واٽر بورڊ وڌيڪ تفصيل ڏيندي چيو تہ لائين نمبر ھڪ پي آر آر سي جي مرمت جو ڪم ايندڙ چئن ڏينهن ۾ جڏهن تہ لائين نمبر پنج جي مرمت جو ڪم ايندڙ چوويهن ڪلاڪن ۾ مڪمل ڪيو ويندو، هن چيو تہ متاثر لائينن سبب پمپ گهٽ هلي رهيا آهن جڏهن تہ متبادل لائينن ذريعي شهر کي پاڻي جي فراهمي جاري آهي.










