اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اين ٽي ڊي سي 23 جنوري تي ملڪ ۾ بجلي جي بريڪ ڊائون جي شروعاتي جاچ رپورٽ پاور ڊويزن کي جمع ڪرائي ڇڏي آهي.اين ٽي ڊي سي جي رپورٽ موجب 23 جنوري جي صبح جو فريڪوئنسي فلڪيچويشن هئي، جنهن سبب 500 ڪي وي ٽرانسميشن لائين ٽريپ ٿي وئي.رپورٽ موجب اين ٽي ڊي سي ۽ ڪي اليڪٽرڪ جو نظام ٽريپنگ سبب ڊاٽ ٿي ويو، سسٽم ڊاءِ ٿيڻ سبب 11 هزار 356 ميگا واٽ بجلي سسٽم مان نڪري وئي.اين ٽي ڊي سي جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته گڊو ٽرانسميشن لائينز ۾ بنيادي خرابي پيش آئي، جنهن کانپوءِ تربيلا، منگلا ۽ ورسک کان فوري طور تي بجلي بحال ڪئي وئي.رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو ته تربيلا، منگلا ۽ ورسک ۾ ڪيترائي ٽريپنگ ٿيا، منگلا جو سسٽم شام 5 وڳي بجلي لاءِ سيڪيورٽي ڪيو ويو.










