. ڪنڌ ڪوٽ (رپورٽ امداد بنگوار) ڪنڌڪوٽ سردار تيغو خان تيغاڻي کي ڪنڌڪوٽ اي ٽي سي ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو، ياد رهي ته ڪجھ ڏينهن اڳ ڳڙهي تيغو جي ڪچي واري علائقي ۾ شڪارپور پوليس جي ڌاڙيلن خلاف آپريشن دوران ٻه پوليس اهلڪار ۽ هڪ ڪيمرا مين جي شهادت کان پوء ڪيس ۾ گهربل جواربدار سردار تيغو خان تيغاڻي کي اڄ بڪتربند گاڏي ۽ سخت سڪيورٽي ۾ ڪنڌڪوٽ جي اي ٽي سي ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو آهي، ڪورٽ اندر وڪيل برادري کان سواءِ ٻين جي داخلا بند ڪئي وئي، سردار تيغو خان تيغاڻي جي ڪورٽ ۾ پيشي دوران وڏي انگ ۾ سبزوئي برادري جا ماڻهو پهتا، ميڊيا سان ڳالهائيندي سردار تيغو خان چيو ته ٻنهي تڪ جي چونڊيل نمائندن شبير علي بجاراڻي ۽ عابد سندراڻي سان ايندڙ اليڪشن ۾ بائيڪاٽ ڪرڻ جو اعلان ڪيان ٿو ، مون کي سياسي انتقام جو نشانو بڻائي مون کي گرفتار ڪرايو ويو پر مون هر وقت ماڻهن ۽ پوليس جي مدد ڪئي آهي، هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته مون هر وقت ڏوهاري پڪڙي پوليس حوالي ڪرايا آھن۔











ھم قبائلی علاقوں کی دشمنوں کے خلاف قانون لاںا چاہیے