بجاراڻي ۽ تيغاڻي تڪرار جي نبيري لاءِ جماعت اسلامي جون ڪوششون

ڪنڌ ڪوٽ(ن س) بجاراڻي ۽ تيغاڻي تڪرار جي خاتمي لاءِ جماعت اسلامي جي وفد قبيلائي سردار محبوب علي بجاراڻي ۽ مير جهانگير خان تيغاڻي سان الڳ الڳ ملاقاتون ڪري قبيلائي تڪرار جي خاتمي لاءِ ڪردار ڪرڻ لاءِ مٿن زور ڀريو. وفد ۾ جماعت اسلامي سنڌ جو نائب امير حافظ نصرالله چنا، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري عبدالحفيظ بجاراڻي، ضلعي امير لالا عبدالفتاح پٺاڻ ۽ مير نياز علي خان ڀنگورا شامل هئا. ٻنهي جهيڙيندڙ ڌرين جي سردارن وفد کي پنهنجي ڀرپور سهڪار جو يقين ڏيارو. ياد رهي ته جماعت اسلامي سنڌ طرفان جلد ئي مرڪزي اڳواڻ اڳوڻي ايم اين اي اسد الله ڀٽو ۽ تڪ جي سياسي اڳواڻ سردار شمشير خان مزاري جي اڳواڻي ۾ گرينڊ ميڙ منت قافلو ڌرين وٽ خير ڪرائڻ لاءِ پهچندو، جنهن لاءِ ڄاڻيل ڌرين کان سواءِ مختلف سياسي ۽ سماجي شخصيتن سان پڻ ملاقاتن جو سلسلو جاري آهي. ياد رهي ته بجاراڻي ۽ تيغاڻي تڪرار ۾ هيل تائين ڪيتريون ئي انساني حياتيون ضايع ٿي چڪيون آهن. علائقي ۾ ٻئي ڌريون خوفزده ۽ هڪ ٻي خلاف مورچه بند آهن. ٻنهي ڌرين جي سردارن توڙي انتظاميه سنجيدگي جو ڪو مظاهرو ڪيو ته اهو تڪرار ختم ۽ ٻئي ڌريون کير کنڊ ٿي سگهن ٿيون.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو