باڊھ (ن سنڌيار) لاڙڪاڻي ضلعي جو ٻيو نمبر وڏو شھر باڊھ جديد دور ۾ به مسئلن جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آھي، شهرين زيب علي ساريو ، ڪامريڊ قادر بخش بروهي نبي رضا بلوچ، مظهر نوشاد ڦلپوٽو، محمد امين سيال، واحد سنڌي، جي ايم چنجڻي، نادر سومرو، مور سنڌي، احمد خان زهري، محمد حسين نوناري ۽ ٻين دانهيندي چيو ته هڪ لک کان به وڌيڪ آبادي رکندڙ لاڙڪاڻي ضلعي جو ٻيو نمبر وڏو شھر مسئلن جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آھي ٽائون ڪاميٽي باڊھ کي لوڪل گورنميٽ کاتي طرفان هر مهيني هڪ ڪروڙ کان به وڌيڪ بجيٽ ملي ٿي جيڪا شھر جي ترقي ۽ شھري مسئلن جي حل لا۽ خرچ ڪرڻ بدران ٽائون آفيسر شھزادو کوکر ۽ اڪائوٽنٽ ڪلرڪ پريل سومرو ٽائون آفيسر سان ملي ڀڳت ڪري سموري رقم ونڊ ورهاست ذريعي هڙپ ڪري وڃي ٿو شھر جي اڌ کان به وڌيڪ آبادي جو جر کارو هئڻ ڪري رهواسي کارو پاڻي واپرائڻ تي مجبور آھن، ڪيترن مهينن کان پير تقي شاھ جيلاني نالين جي صفائي نه ٿيڻ ڪري ڪيترين ئي بيمارن منهن ڪڍيو آھي ۔ ريلوي اسٽيشن کان وٺي رائيس ڪئنال جي پل تائين روڊ اکڙي تباھ ٿي چڪو آھي، نالين جي صفائي ۽ کوٽائي نه ٿيڻ ڪري گندو پاڻي اڪثر علائقن جي گهرن ڀرسان تلائن جي صورت ۾ بيٺل آھي، گندگي سبب مڇرن جو آزار وڌڻ سان گڏوگڏ هر طرف بدبو۽ پکڙيل آھي جنهن جي نتيجي ۾ ڪيتريون ئي وچڙندڙ بيماريون پکڙجي ويون آھن ، شھر کي ٽائون انتظاميا هٿ وٺي کنڊرات ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آھي جيڪڏهن باڊھ ٽائون ڪاميٽي ۾ ڪرپشن ڪندڙن خلاف ڪارروائي نه ڪئي وئي ته ٽائون آفيس آڏو احتجاج ڪنداسين.










