باڊهه (ن سنڌيار) “باڊهه جي مجبوري آ، تعلقو ضروري آ ۽ ڏيو ڏيو باڊهه تعلقو ڏيو” جي زوردار نعرن سان باڊهه تعلقه موومينٽ پاران موومينٽ جي ڪنوينر ڪامريڊ قادر بروهي جي اڳواڻي ۾ هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي باڊهه پريس ڪلب کان ٽائون هال تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. احتجاجي مظاهري ۾ باڊهه شهر جي مختلف سياسي سماجي علمي ادبي ۽ ڪاروباري تنظيمن جي اڳواڻن عزيز بروهي، دودو ديشي، ڪامريڊ منور نوناري، اصغر نوناري، عالم بروهي، محمد علي خشڪ، نور احمد هيسباڻي، مظهر نوشاد ڦلپوٽو، محمد هاشم مدني سومرو، طاهر نور هيسباڻي، محمد امين سيال، افضل سانڀل، مور سنڌي، سڪندر علي شيخ، اشفاق مغيري، زاهد حسين نوناري، علي اصغر نوناري، احمد خان زهري، معصوم نينگر سهيل ابڙو سميت شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته باڊهه شهر آبادي ۽ ايراضي جي لحاظ کان تعلقي جو حقدار آهي ۽ باڊهه واسي لڳاتار 4 سالن کان وٺي گرمي سردي عيدن محرم الحرام توڙي طوفان ۽ بارشن ۾ بيهي باڊهه تعلقي جي گهر ڪري رهيا آهن مگر سنڌ حڪومت پنهنجي هٺ ڌرمي تي قائم رهندي ايڏي وڏي سگهاري جدوجهد ۽ هڪ لک کان وڌيڪ آبادي واري شهر کي تعلقي جو درجو نه ڏئي باڊهه واسين جي ووٽ ۽ انهن جي جذبن سان راند کيڏي رهي آهي جنهن ۾ مقامي پيپلز پارٽي اڳواڻ به شامل آهن. هنن چيو ته باڊهه تعلقي لاءِ تمام گهربل تقاضائون پوريون ڪيل آهن جنهن جا دستاويزات پڻ اسان وٽ موجود آهن جڏهن ته پيپلز پارٽي سابقا صدر آصف علي زرداري، پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، سابقه وزير اعليٰ سنڌ سيد قائم علي شاهه توڙي موجوده وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه، فريال ٽالپر، سميت مقامي ايم پي اي ايم اين اي به ڪيترائي ڀيرا باڊهه واسين سان واعدا ڪيا آهن ته تمام جلد باڊهه کي تعلقي جو درجو ڏنو ويندو پر افسوس باڊهه جي اڌ کان به ننڍن شهرن کي تعلقي جا درجا ملي ويا پر باڊهه شهر کي سياسي مفادن خاطر نظرانداز ڪيو ويو جيڪو هڪ افسوسناڪ عمل آهي جنهن سبب باڊهه واسين ۾ سنڌ حڪومت خلاف نفرت پيدا ٿي چڪي آهي جنهن جو ثبوت هنن بلدياتي اليڪشن ۾ پيپلز پارٽي مخالفت ۾ ووٽ ڏئي ثابت ڪيو. وڌيڪ هنن چيو ته باڊهه تعلقه موومينٽ سدائين باڊهه تعلقي جي گهر ڪري حڪمرانن کي سندن ڪيل واعدا ياد ڏياريا آهن، باڊهه لاڙڪاڻو، حيدرآباد، سيوهڻ شريف ۽ ڪراچي سميت سنڌ جي ٻين ننڍن وڏن شهرن ۾ پرامن احتجاج رڪارڊ ڪرايا ويا آهن. ان کان علاوه بيروني ملڪن ۾ مقيم غيور باڊهه واسين پڻ پنهنجي رهائشي ملڪن ۾ پرامن احتجاج ذريعي باڊهه تعلقي جي گهر ڪئي آهي جنهن تي اسان کين سلام پيش ڪريون ٿا. وڌيڪ هنن پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه، فريال ٽالپر ۽ پي ايس 13 جي ايم اين ۽ ايم پي اي کان مطالبو ڪندي چيو ته باڊهه شهر کي في الفور تعلقي جو درجو ڏئي شهرين ۾ ڦهليل بيچيني ختم ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ بلدياتي اليڪشن جيان باڊهه واسي جنرل اليڪشن ۾ به پيپلزپارٽي مخالفت ۾ ووٽ ڏيندا جنهن سان اوهان جي شڪست يقيني بڻجي ويندي. وڌيڪ هنن چيو ته جيسیتائين باڊهه تعلقي جو باقاعدي نوٽيفڪيشن جاري نه ڪيو ويندو تيسیتائين اسان جي جدوجهد جاري رهندي










