ٽنڊوباگو (ن س) ٽنڊوباگو شھر جي وارڊ نمبر ٻه مير محله ۾ گزريل ڏينھن ذهني مريض پاران ڏنل باھ سبب سڙي ويل ٽن گهرن جو اسسٽنٽ ڪمشنر ٽنڊوباگو ثناﷲ صدر معائنو ڪيو، ان موقعي تي اسٽنٽ ڪمشنر ٽنڊوباگو روزاني “سنڌيار” سان ڳالهائيندي چيو ته باھ واقعي سبب مسڪينن جي سڙي ويل قيمتي سامان، ضرورت جي شين سميت گهرن جي رک ٿي وڃڻ تي دلي صدمو پهتو آهي ۽ انشاءالله جلد باھ واقعي سبب گهرن جي ٿيل نقصان جي ڊپٽي ڪمشنر بدين کي رپورٽ پيش ڪري متاثر غريب خاندانن جي سهائتا لاءِ ڊپٽي ڪمشنر بدين سان ڳالهائيندس ته جيئن جلد کان جلد مسڪينن جي ٿيل نقصان جو ازالو ٿي سگهي. ٽائون ڪميٽي ٽنڊوباگو جي انتظاميه جي مبينه غفلت ۽ لاپرواھي سبب ڪافي عرصي کان فائربرگيڊ گاڏي نه ھجڻ بابت ڪيل سوال جي جواب ۾ اسٽنٽ ڪمشنر چيو ته تباھ ٿيل فائير برگيڊ بابت پڻ ڊپٽي ڪمشنر سان ڳالهائيندس.










