ممبئي(ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ جي مشهور اداڪارن عيد الاضحيٰ جي موقعي تي مسلمانن کي مبارڪباد ڏني آهي. اداڪار سنجي دت، سڌارٿ ملهوترا، عمران هاشمي، ماڌوري ڊڪشٽ، سارا علي خان، ريچا چڍا ۽ ٻين پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽس تان عيد جون واڌايون ڏنيون. اداڪار سنجي دت انسٽاگرام تي عيد مبارڪ جي ڪارڊ جهڙي تصوير شيئر ڪئي ۽ ڪيپشن ۾ عيد جي مبارڪباد پڻ ڏني. اداڪارا سارا علي خان انسٽاگرام تي پنهنجي هڪ ڪردار جي تصوير پوسٽ ڪئي جنهن ۾ هوءَ مٿي تي اسڪارف کڻي بيٺي آهي، اداڪارا به عيد الاضحيٰ جي مبارڪباد ڏني. عمران هاشمي عيد جي موقعي تي ٽوئيٽر تي پيغام پڻ شيئر ڪيو ۽ عيد مبارڪ جي تصوير شيئر ڪئي. انوپم کير هندي ۾ عيد جون مبارڪون ڏنيون. ان کان علاوه اداڪارا ماڌوري ڊڪشٽ انسٽاگرام اسٽوري تي عيد الاضحيٰ جي موقعي تي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. اداڪارا ريچا چڍا به ٽوئيٽر تي عيد الاضحيٰ جي مبارڪباد ڏني.










