اسلام آباد(بيورو)اليڪشن ڪميشن تحريڪ انصاف جي باغي ميمبرن خلاف ريفرنس خارج ڪري ڇڏيو آهي اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ جي 20 باغي ميمبرن خلاف محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي ريفرنس خارج ڪيواليڪشن ڪميشن پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي قومي اسيمبلي جي منحرف ميمبرن بابت ريفرنس خارج ڪري ڇڏيو آهي.اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن پي ٽي آءِ جي 20 منحرف ميمبرن خلاف داخل ريفرنس تي اتفاق راءِ سان فيصلو ڏنو.پي ٽي آءِ جي ناراض ميمبر نور عالم خان جي وڪيل گوهر خان دليل ڏيندي چيو ته پي ٽي آءِ جي شوڪاز نوٽيس جي جواب ۾ هن چيو هو ته نه پي ٽي آءِ ۽ نه ئي پارلياماني پارٽي ڇڏي آهي، نه ئي پي ٽي آءِ کي ووٽ نه ڏنو جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته پارٽي نور عالم کي تسليم ڪيو آهي. وڪيل گوهر خان وڌيڪ چيو ته نور عالم 3 اپريل تي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، پي ٽي آءِ کيس اجلاس ۾ شرڪت لاءِ چيو هو، هو پارلياماني پارٽي ۾ شامل ناهي ٿيو.ميمبر اليڪشن ڪميشن پڇاڻو ڪيو ته ڇا نور عالم خان بي اعتمادي واري ڏينهن ووٽ ڪاسٽ ڪيو هو؟ جنهن تي سندس وڪيل چيو ته نور عالم خان بي اعتمادي واري رٿ تي ووٽ نه ڏنو.نور عالم خان جي وڪيل چيو ته آرٽيڪل 63 ون (اي) سندس موکل تي لاڳو نٿو ٿئي، هو چوي ٿو ٻارن جي شادي نه ٿيندي، اسان جي ٻارن لاءِ ايترا پريشان ڇو آهن.نور عالم خان جي وڪيل چيو ته سيڪريٽري جنرل پاران جاري ڪيل شو ڪاز نوٽيس جي ڪا به قانوني حيثيت ناهي، نور عالم خان اڃا تائين پي ٽي آءِ جو ميمبر آهي، فيصلو ٻڌائي سگهي ٿو. ڪميشن جي ميمبر ناصر دراني سوال ڪيو ته اهو ڪيئن آيو ته اليڪشن ڪميشن جي 5 رڪني بينچ ئي فيصلو ڪري سگهي ٿي. جنهن تي گوهر خان چيو ته سپريم ڪورٽ ان تي فيصلو ڏنو آهي.










