لاهور (ويب ڊيسڪ) بارش سبب پاڪستان ۽ بنگلاديش ۾ ٽئين ٽي ٽوئنٽي ميچ رد ڪئي وئي آهي. جنهن جو باضابطه اعلان پاڪستان ڪرڪٽ بورڊ ٽوئٽر تي جاري ڪيل پيغام ۾ ڪيو آهي.
پي سي بي جو چوڻ آهي ته پاڪستان ٽن ميچز واري سيريز جا پهريان ٻئي ميچ کٽي سيريز ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي ۽ دنيا جي نمبر ون ٽي ٽوئنٽي ٽيم جو اعزاز پاڪستان وٽ ئي رهندو. ياد رهي ته پاڪستان پهرين ميچ 5 ۽ ٻئي ميچ 9 وڪيٽن تان کٽي هئي.
ٻنهي ميچز جو تفصيلي احوال پڙهو
پاڪستان جي امپائر احسن رضا کي 50هين ميچ ۾ امپائرنگ جو اعزاز حاصل ڪري ورتو آهي.










