باجوا ڊيٽا ليڪ، بول جي صحافي جو جسماني رمانڊ منظور

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي گادي واري شهر جي ڊيوٽي مئجسٽريٽ لاهور مان گرفتار ڪيل بول نيوز جي صحافي شاهد اسلم کي ٻن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي ڪري ڇڏيو. جمعي تي لاهور مان گرفتار ڪيل صحافي کي ڊيوٽي جج عمر شبير آڏو پيش ڪيو ويو. صحافي کي اڳوڻي آرمي چيف جنرل قمر باجوا جي خاندان جي ملڪيت جا تفصيل ليڪ ڪرڻ جي شڪ ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي. سندس وڪيل چيو ته ايف آءِ اي وٽ ڪو ثبوت ئي ناهي ۽ رڳو شڪ جي بنياد تي ڪنهن کي گرفتار نٿو ڪري سگهجي. سرڪاري وڪيل چيو ته صحافي ليپ ٽاپ ۽ موبائيل فون نٿو ڏئي جنهن ۾ ثبوت موجود آهن. ٽيڪس گوشوارن جي معلومات غير قانوني ليڪ ڪرڻ تي قانون موجب 10 سال قيد جي سزا ملي سگهي ٿي. ياد رهي ته جنرل باجوا جي رٽائرمينٽ مان ڪجهه ڏينهن اڳ گذريل سال نومبر ۾ فيڪٽ فوڪس نالي ويب سائيٽ تي شايع ٿيل اسٽوري ۾ چيو ويو هو ته باجوا جي خاندان جي ملڪيت ۾ سندس آرمي چيف جي مدت دوران 6 سالن ۾ 12.7 ارب روپين جو اضافو ٿيو.
فيڪٽ فوڪس جي خبر پڙهڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو

پهنجو تبصرو موڪليو