بابر ڪوهلي جو ٻيو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو

بابر ڪوهلي جو ٻيو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو

لاهور (ويب ڊيسڪ)قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم اڳوڻي ڀارتي ڪپتان ويرات ڪوهلي جو هڪ ٻيو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو. بابر اعظم انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) جي ٽي ٽوئنٽي رينڪنگ ۾ سڀ کان وڏو رانديگر بڻجي ويو.قومي ڪرڪيٽ ٽيم جا ڪپتان گذريل 1,025 ڏينهن کان ٽي 20 رينڪنگ ۾ پهرين نمبر تي آهن، اهو ڪارنامو ان کان اڳ ويرات ڪوهلي جو هو.ويرات ڪوهلي 1013 ڏينهن تائين آءِ سي سي ٽي 20 رينڪنگ ۾ ٽاپ تي هو.انگلينڊ جو اڳوڻو رانديگر ڪيون پيٽرسن لسٽ ۾ ٽئين نمبر تي آهي، جيڪو 729 ڏينهن تائين آءِ سي سي ٽي 20 رينڪنگ ۾ پهرين نمبر تي رهيو.

پهنجو تبصرو موڪليو