دبئي (ويب ڊيسڪ)پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم کي خط لکي نوجوان مداح جي خواهش پوري ٿي وئي.8 ورهين جي هارون ثريا ورلڊ ڪپ کانپوءِ بابر اعظم کي خط لکيو، نوجوان مداح بابر ۽ ٽيم جي رانديگرن کان آٽو گراف گهريا.بعد ۾ بابر اعظم سوشل ميڊيا تي ننڍڙا مداح کي آٽوگراف ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو ۽ هاڻي ڪپتان هارون ثريا کي آٽوگراف به ڏنو ۽ ٽيم جي ٻين رانديگرن سان ملاقات ڪئي.ايشيا ڪپ جي ٽريننگ دوران بابر اعظم هارون سان ملاقات ڪئي ۽ پاڪستاني ٽيم طرفان هارون ثريا کي آٽوگراف ٿيل بيٽ پڻ تحفي ۾ ڏنو.ان کان علاوه رانديگرن ٽريننگ جرسي جو آٽوگراف به ڪيو ۽ ننڍڙن مداحن کي تحفي ۾ ڏنو.سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ خط تي بابر اعظم هارون جو شڪريو ادا ڪيو ۽ سندس آٽوگراف به طلب ڪيو.










