بائيڊن جي بيان پاڪستان ۾ تبديلي جو ڪارڻ ٻڌائي ڇڏيو:شيخ

بائيڊن جي بيان پاڪستان ۾ تبديلي جو ڪارڻ ٻڌائي ڇڏيو:شيخ

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد آمريڪي صدر طرفان قومي ايٽمي پروگرام بابت بيان تي موجوده حڪومت تي تنقيد ڪئي آهي. ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ شيخ رشيد چيو ته جو بائيڊن جي بيان پاڪستان ۾ تبديلي جو ڪارڻ ٻڌائي ڇڏيو آهي، جن جو پئسو ۽ ملڪيتون انهن ملڪن ۾ آهن، انهن کي ايٽمي ٽيڪنالاجي جي پرواهه ناهي. هن چيو ته اسان روايتي هٿيارن سان ڀارت جو مقابلو نٿا ڪري سگهون، تنهن ڪري ايٽمي ٽيڪنالاجي ئي پاڪستان جي سلامتي جي ضامن آهي.سندس چوڻ هو ته آمريڪا جو اصل نشانو اسان جو نيوڪليئر پروگرام آهي، اسان جي معاشي ۽ سياسي تباهي ان جي شروعات آهي، ڪرپٽ سياستدانن کي مڙهڻ پهريون قدم آهي، ملڪ ۾ عدم اعتماد، گهرو ويڙهه ۽ فرقي بازي ٻيو قدم آهي. شيخ رشيد چيو ته جمهوريت رهي نه رهي انهن جا ايجنٽ مڙهيل رهڻ گهرجن، قوم فيصلو ڪري، غيرت سان رهڻو آهي يا غلام بڻجي رهڻو آهي. پنهنجي بيان جي آخر ۾ هن سڀاڻي ٻي وڳي لال حويلي ۾ اهم پريس ڪانفرنس ڪرڻ جو به اعلان ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو