اٿارٽي جي منظوري ۽ تصديق کانسواءِ اڪائونٽ بلاڪ نه ڪيو

اٿارٽي جي منظوري ۽ تصديق کانسواءِ اڪائونٽ بلاڪ نه ڪيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اسٽيٽ بئنڪ سمورين بئنڪن کي حڪم ڏنو آهي ته ڪنهن به قانوني سبب، مجاز اٿارٽي جي منظوري ۽ تصديق کانسواءِ اڪائونٽس بلاڪ نه ڪيا وڃن. اسٽيٽ بئنڪ پاران عدالتي حڪم تي عملدرآمد جي رپورٽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي وئي آهي. جسٽس ارباب محمد طاهر اسٽيٽ بئنڪ کي اندروني ميڪانزم طئي ڪري هدايتون جاري ڪرڻ جو چيو هو.عدالت ۾ جمع ڪرايل رپورٽ ۾ اسٽيٽ بئنڪ غير ارادي ۽ احتياطي پابندين ذريعي به بئنڪ اڪائونٽ هولڊرز کي نقصان نه پهچائڻ جو حڪم ڏنو آهي. اسٽيٽ بئنڪ عدالتي حڪم تي ملڪ جي سمورين بئنڪن کي نئون هدايت نامو جاري ڪري ڇڏيو آهي. مرڪزي بئنڪ جو چوڻ آهي ته بئنڪون هدايتن تي مڪمل عملدرآمد لاءِ مناسب اندروني ميڪانزم پڻ جوڙي سگهن ٿيون.

پهنجو تبصرو موڪليو