لاهور (ويب ڊيسڪ) نئين چونڊيل ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار بينڪن ۾ درآمد ڪندڙن جي ايل سيز مارڪيٽ ريٽ کان 5 کان 8 رپيا في ڊالر وڌيڪ تي کولڻ واري معاملي جو نوٽيس ورتو آهي.ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار لاڳاپيل اختيارين کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي ۽ چيو آهي ته جاچ رپورٽ جي روشني ۾ ذميوار بينڪ آفيسرن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته بئنڪن واپارين جون ايل سيز مارڪيٽ ريٽ کان 5 کان 8 رپيا مٿي کوليا، بئنڪن جي اهڙي قدم سان واپاري طبقي کي ڪروڙين رپيا اضافي ادا ڪرڻا پيا.ذريعن موجب بئنڪ آفيسرن ڊالر جي مصنوعي قلت پيدا ڪري مارڪيٽ مان مهانگي ايل سيز کوليون، آل پاڪستان ٽيڪسٽائل ملز ايسوسيئيشن (اپٽاما) جي سربراهه گوهر اعجاز وزيراعظم کان جاچ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. اپٽما جي سربراهه چيو ته ڊالرن مان بئنڪن اربين رپين جو منافعو ڪمايو، اهو سمورو بار اسان جي معيشت ۽ رپئي تي لڳايو ويو، اهو ناڻي واري وزير لاءِ ٽيسٽ ڪيس آهي.










