عمرڪوٽ: (ن س) عمرڪوٽ ڀرسان وهرو روڊ تي اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل تي سوار 50 ورهين جو ڳوٺاڻو قادر بخش مڱريو قتل ٿي ويو.
عمرڪوٽ ڀرسان پڌريو جو رهواسي 50 ورهين جو قادر بخش منڱريو موٽرسائيڪل تي سوار ٿي عمرڪوٽ کان پنهنجي ڳوٺ وڃي رهيو هو ته اڻڄاتل هٿياربندن سندس مٿان گوليون هلايون جنهن جي نتيجي ۾ ڳوٺاڻو زخمي ٿي پيو.
نامعلوم ماڻهن فائر ڪيل گوليون ڳوٺاڻي کي سڌيون ڇاتي ۾ لڳيون جنهن سبب هو سخت زخمي ٿي پيو. علائقي واسين زخمي کي کڻي سول اسپتال عمرڪوٽ پهچايو جتي هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو واقعي بعد سول اسپتال عمرڪوٽ ۾ شهري وڏي انگ ۾ پھچي ويا پر واقعي جي اصل حقيقت اڃان تائين سامهون نه اچي سگهي هوڏانهن عمرڪوٽ پوليس مختلف رخن کان جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.










