اڳيون مڙس تنگ ٿو ڪري، تحفظ ڏيو، شازيا سومرو

اڳيون مڙس تنگ ٿو ڪري، تحفظ ڏيو، شازيا سومرو

ڪنڌ ڪوٽ (غالب بلوچ)پيار جو پرڻو ڪندڙ جوڙو شازيا سومرو ۽ مڙس انعام گولو  پاران پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اسان جي جان کي خطرو آھي. شازيا سومرو چيو ته مھنجو اڳيون مڙس عرفان ڀٽي جنھن کان پندرنھن مھينا اڳ مون طلاق حاصل ڪئي ھئي ۽ پنهنجي مرضي سان انعام گولي سان شادي ڪئي آھي ان ڪري مھنجو اڳيون مڙس منھنجي نئين مڙس مٿان اي سيڪشن ٿاڻي تي حملي ڪرڻ جا ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا آھن ان ڪري اسان کي عرفان ڀٽي ـ نثار ڀٽي ۽ عبدالغني مڱڻھار کان جاني خطرو آھي ھو اسان کي موت مار ڌمڪيون ڏئي رھيا آھن ھن جوڙي چيو ته اسان جا ٽي ٻار ھن وٽ موجود آھن جنھن جي لاء اسان عدالت سان رجوع ڪيو آھي پريمي جوڙي وڌيڪ چيو ته اسان ميڊيا آڏو انصاف فراھم ڪرائڻ لاء پھتا آھيون اسان جي آئي جي سنڌ ڊي آئي جي لاڙڪاڻو ـ ايس ايس پي ڪشمور کان انصاف جي اپيل ڪيون ٿا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو